ملاله يوسف زئي کي پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ مهمان خصوصي جي حيصيت سان دعوت

malala

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان نوبل انعام يافته پاڪستاني شاگردياڻي ملاله يوسف زئي کي پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ مهمان خصوصي جي حيصيت سان دعوت ڏني آهي.

پي سي بي چيئرمين شهريارخان جو چوڻ آهي ته ملاله يوسف زئي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو ۽ قومي ٽيم جي سڀني رانديگرن کي خوشِي ٿيندي ته ميچ جي ڪنهن به ڏينهن ملاله يوسف زئي مهمان خاص جي حيصيت سان اچي.

پي سي بي چيئرمين شهريارخان انگلينڊ جي دوري تي آهي ، جتي هن پاڪستان اي جي ٽيم جون ميچز ڏٺيون آهن ۽ قومي ٽيم جو چيف سليڪٽر انضمام الحق پڻ انگلينڊ ۾ موجود آهي،جيڪو نوجوان رانديگرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي رهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اي ٽيم جو ڪوبه رانديگرن سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ ۾ ڪامياب  ٿي ويو ته کيس ون ڊي سيريز ۾ انگلينڊ خلاف ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*