انگلينڊ خلاف کيڏي ويل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي بعد ٽيم جي سمورن رانديگرن کي ٻي ٽيسٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻو پوندو: مصباح الحق

misbah-ul-haq

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته انگلينڊ خلاف کيڏي ويل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي بعد ٽيم جي سمورن رانديگرن کي ٻي ٽيسٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻو پوندو.

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻي ٽِيسٽ ميچ کان پهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو ته ٻي ٽيسٽ ميچ سمورن رانديگرن کي دٻاءِ هيٺ کيڏڻ جي ضرورت آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن رانديگر دٻاءِ هيٺ هوندا ته وڌيڪ ڌيان سان ڪرڪيٽ کيڏندا ۽ ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي.

مصباح الحق وڌيڪ چيو انگلينڊ جي ٽيم ٻي ٽيسٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جون ڀرپور ڪوشش ڪندي ۽انگلش ٽيم ۾ ليگ اسپنر، الرائونڊر ۽ هڪ فاسٽ بالر جي واپسي ٿي آهي ،جنهن سبب ميزبان ٽيم وڌيڪ مضبوط ٿي آهي.

قومي ٽيم جي ڪپتان جو وڌيڪ چوڻ هو ته انگلينِڊ جي ٽيم کي ڪمزور نه سمجهنداسين ۽ سمورا رانديگر ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪندا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*