رجني ڪانت جي “ڪبالي” رليز، ڏکڻ ڀارت ۾ آفيسون بند، هائوس فل

rajni-kant

بالي ووڊ سپر اسٽار رجني ڪانت جي نئين فلم “ڪبالي” رليز ٿي وئي آهي، ڏکڻ ڀارت ۾ رجني ڪانت جي مداحن ۾ جنون پکڙيل نظر اچي ٿو، جتي ڪيتريون آفيسون فلم جي رليز جي پهرئين ڏينهن بند ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي آفيسن پاران ملازمن کي فلم جون خاص ٽڪيٽون به ڏنيون ويون آهن. رجني ڪانت جي “ڪبالي” رليز ٿيڻ کان اڳ ئي ايندڙ 10 ڏينهن تائين اڪثر سينيما گهرن جون ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون آهن، جنهنڪري هائوس فل ٿي ويا آهن. هڪ ارب رپين جي بجيٽ سان ٺاهيل فلم جي ڪاسٽ ۾ راڌيڪا اپٽي، ونسٽن چائو به شامل آهن، فلم 12 سئو سينيما گهرن ۾ رليز ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*