ماڊل قنديل قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ڀاءُ وسيم کي ڊي اين اي ۽ پولي گرافڪ ٽيسٽ کانپوءِ ملتان پهچايو ويو

Waseem-Qandeel-case-23716

ماڊل قنديل قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ڀاءُ وسيم کي ڊي اين اي ۽ پولي گرافڪ ٽيسٽ کانپوءِ ملتان پهچايو ويو، پوليس موجب جوابدار وسيم جي بيانن ۾ تضاد آهي، سندس خلاف اڄ کان باضابطه جاچ شروع ڪئي ويندي.

تڪراري وڊيوز ۽ بيانن ذريعي شهرت ماڻيندڙ ماڊل قنديل بلوچ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس ڀاءُ وسيم کي لاهور ۾ ڊي اين اي ۽ پولي گرافڪ ٽيسٽ کانپوءِ واپس ملتان پهچايو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار وسيم جي بيانن ۾ تضاد آهي، سندس خلاف اڄ کان باضابطه جاچ شروع ڪئي ويندي.

پوليس موجب جوابدار وسيم جي 6 ڪلاڪن تائين پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪئي وئي، جنهن جي ٻن هفتن اندر رپورٽ ۾ ملي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*