پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر مخالفن کي سخت تنقيد جو نشانو

Shahbaz-Sharif-23716

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر مخالفن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن کانپوءِ ڌرڻن جا حامي هوش کان ڪم وٺن، پشاور کان ڪراچي تائين عوام ڌرڻن خلاف رُڪ جي ديوار بڻجي بيٺل آهي، عوام ڪنهن کي به ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ نه ڏيندو.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته 2018ع جون چونڊون به پري نه آهن، ڌرڻا هڻندڙ ٿورو صبر ڪن.

هن چيو ته آزاد ڪشمير جي عام چونڊن کانپوءِ ڌرڻن جي حامي هوش کان ڪم وٺن، پشاور کان ڪراچي تائين عوام ڌرڻا هڻندڙن خلاف رُڪ جي ديوار بڻيل آهي.

پنجاب جي وڏي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پهريان به ڌرڻن سبب ملڪ جي ترقي واري سفر ۾ رڪاوٽ وڌي وئي، هاڻي ٻيهر ڌرڻن جا حامي ٻرن مان نڪري آيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*