رينجرز معاملي پارٽي قيادت سان مشاورت لاءِ دبئي وڃي رهيو آهي،سنڌ جي وڏي وزير قائم علي

Qaim-Ali-Shah-23716

سنڌ جي وڏي وزير قائم علي چيو آهي ته رينجرز معاملي پارٽي قيادت سان مشاورت لاءِ دبئي وڃي رهيو آهي، دبئي روانگي کان اڳ وڏي وزير  ڪراچي شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري صفائي جي صورتحال جو جائزو ورتو آهي.

دبئي روانگي کان اڳ ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سموري ڪراچي جي صفائي 3 ڏينهن ۾ نٿي ٿي سگهي، ٻن ٽن مهينن ۾ صورتحال بهتر ٿي ويندي.

هن چيو ته ڪراچي جي شهري انتظاميه کي شهر ۾ صفائي لاءِ مهلت ڏني آهي.

وڏي وزير  چيو ته هو رينجرز معاملي تي مشاورت لاءِ دبئي وڃي رهيو آهي ۽ اهم معاملن بابت پارٽي قيادت ئي فيصلو ڪندي آهي.

قائم علي شاهه چيو ته ڪالهه ڪور ڪمانڊر سان ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي،

وڏي وزير  چيو ته هو دبئي ۾ 2کان 3 ڏينهن ترسندو.

ڄام شورو پاران منپسد علائقن جو دورو ڪرائڻ واري سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ان ڳالهه ۾ صداقت ناهي جتي مونکي  وڃڻو هو گاڏي جو رخ اوڏانهن ڪيو.

دبئي روانگي کان اڳ وڏي وزير بوٽ بيسن ۽ محمود آباد وارن علائقن ۾ برساتي نالن، صدر، ايم اي جناح روڊ ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري صفائي جي صورتحال جو جائزو ورتو.

وڏي وزير جي دوري دوران مڪاني ادارن وارو وزير ڄام خان شورو ، ڪراچي جو ڪمشنر ۽ اي آءِ جي ڪراچي به ساڻس گڏ هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*