دادو ۾بجلي جي ميٽر ۾ ڪنڊو لڳائڻ تي منع ڪرڻ تان جوابدارن پاران بيواهه عورت تي مبينا تشدد ڪيو ويو

Dadu-Woman-Tashudud-23716

دادو ۾بجلي جي ميٽر ۾ ڪنڊو لڳائڻ تي منع ڪرڻ تان جوابدارن پاران بيواهه عورت تي مبينا تشدد ڪيو ويو، بيواهه عورت، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهباز ڪالوني ۾ 6 جوابدارن مبينا طور بيواهه عورت راڻي سولنگي تي تشدد ڪيو، جڏهن ته پاڙي وارن هڪ جوابدار کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ بيواهه عورت راڻي سولنگي ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته بجلي جي ميٽر ۾ ڪنڊو لڳائڻ تان منع ڪرڻ تي 6 جوابدارن هن تي تشدد ڪيو.

دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پاران بيواهه عورت جي فرياد تي جوابدارن خلاف درخواست داخل ڪئي وئي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*