سنڌ ۾ رينجرز جي قيام ۽ اختيارن واري مدي ۾ واڌ بابت فيصلو سڀاڻي دبئي ۾ اڳوڻي صدر آصف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويندو

Bilawal-Asif-Ali-23716

سنڌ ۾ رينجرز جي قيام ۽ اختيارن واري مدي ۾ واڌ بابت فيصلو سڀاڻي  دبئي ۾ اڳوڻي صدر آصف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويندو، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري دبئي پهچڻ بعد آصف زرداري کي رينجرز جي معاملي ۽ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ شڪست سميت مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني آهي.

 سڀاڻي دبئي ۾ آصف زرادري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ پارٽي اجلاس ۾ رينجرز  ۽ ٻين معاملن تي اهم فيصلن جو امڪان آهي.

اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بلاول ڀٽو زردراي ۽ فاروق ايڇ نائيڪ ڪالهه شام جو دبئي پهتا هئا، جڏهن ته وڏو وزير قائم علي شاهه  ۽ ڪجهه صوبائي وزير به اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري دبئي پهچڻ بعد آصف زرداري کي رينجرز جي معاملي ۽ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ شڪست سميت مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني آهي.

ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري آصف زرداري کي ڪالهه سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر وچ ۾ ٿيل ملاقات بابت به بريفنگ ڏني آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*