سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري ۽ اختيارن ۾ واڌ واري معاملي تي مشاورت لاءِ وڏو وزير قائم علي شاهه صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ فريال ٽالپر سان گڏ دبئي روانو

Qaim-Siyal-faryal-23716

سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري ۽ اختيارن ۾ واڌ واري معاملي تي مشاورت لاءِ وڏو وزير قائم علي شاهه صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ فريال ٽالپر سان گڏ دبئي روانو ٿي ويو آهي، وڏي وزير چيو آهي ته اهم معاملن تي فيصلا پارٽيءَ جي قيادت ئي ڪندي آهي ۽ ڪور ڪمانڊر سان ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي آهي.

سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري ۽ اختيارن ۾ واڌ واري معاملي تي  آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان  مشاورت لاءِ وڏو وزير قائم علي شاهه صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ فريال ٽالپر سان گڏ ڪراچي کان دبئي روانو ٿي ويو آهي.

 دبئي پهتل بلاول ڀٽو زرداري آصف زرداري سان ملاقات ڪري کيس ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير ۽ صوبائي وزيرن سان ٿيل گڏجاڻي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو آهي.

ڪراچي ايئر پورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير  قائم علي چيو  ته رينجرز معاملي پارٽي قيادت سان مشاورت لاءِ دبئي وڃي رهيو آهيان اهم  معاملن بابت پارٽي قيادت ئي فيصلو ڪندي آهي.

قائم علي شاهه چيو ته ڪالهه ڪور ڪمانڊر سان ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي.

وڏي وزير  چيو ته هو دبئي ۾ 2کان 3 ڏينهن ترسندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*