ڪراچي ۾ قتل ڪيل قوال امجد صابري جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عمران ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو

amjad-sabri-muder-case

ڪراچي ۾ قتل ڪيل قوال امجد صابري جي  ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عمران ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدار ڪي ايم سي جو ملازم آهي، جنهن جو تعلق هڪ سياسي جماعت سان آهي، جنهن پنهنجي ٻن ساٿين جا به نالا ٻڌايا آهن.

امجد صابري قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار ڪيل جوابدار عمران صديقي امجد صابري کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

پوليس موجب جوابدار عمران صديقي امجد صابري جي قتل کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٿائلينڊ کان ڪراچي پهتو هو،جنهن جو تعلق هڪ سياسي جماعت سان آهي، جيڪو ڪي ايم سي جو ملازم پڻ آهي.

پوليس موجب جوابدار پڇا ڳاڇا دوران ٻڌايو  ته سندس ساٿين چيو ته لياقت آباد ۾ هڪ شخص جو ڪم تمام ڪرڻو آهي.

پوليس موجب جوابدار عمران صديقي پڇا ڳاڇا دوران پنهنجي ٻن ساٿين جا به نالا ٻڌايا آهن.

پوليس موجب جوابدار عمران اهو به ٻڌايو آهي ته امجد صابري کي قتل ڪرڻ جو سودو 2 لک 30 هزار رپين ۾طئي ٿيو ۽ واردات کان هڪ ڏينهن اڳ هن 30 هزار رپيا ورتا هئا.

پوليس موجب جوابدار اهو به ٻڌايو آهي ته امجد صابري کي قتل ڪرڻ بعد سندس سمورا ساٿي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا، ان کانپوءِ وڌيڪ رقم لاءِ ساٿي سان رابطو ڪيو ته ان جو نمبربند ملي رهيو هو.

ٻئي پاسي سي ٽي ڊي امجد صابري جي قتل ڪيس ۾ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ذريعن موجب گرفتار جوابدار عمران جاچ دوران پنهنجي ٻن ساٿين جي باري ۾ ٻڌايو ته جنهن کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن انهن ٻنهي ماڻهن کي گرفتار ڪري کانئن جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

آءِ جي سنڌ موجب امجد صابري کي قتل ڪرڻ لاءِ جيڪو پسٽل استعمال ڪيو اهو پابندي مڙهيل تنظيمن لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهو استعمال ڪندا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*