جرمني ۾ ريسٽورنٽ تي حملو ڪري 9 ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدار جاچ دوران ٻارڙن کان پلاند وٺڻ لاءِ فائرنگ ڪرڻ جو اعتراف

germani-9-killed-in-restaur

جرمني ۾ ريسٽورنٽ تي حملو ڪري 9 ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدار جاچ دوران ٻارڙن کان پلاند وٺڻ لاءِ فائرنگ ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اسلامي انتهاپسندي سان ڪوبه واسطو ناهي.

پوليس موجب ميونخ ۾9 ماڻهن کي قتل ڪندڙ جوابدار جاچ ڪندڙ ادارن آڏو نوان انڪشاف ڪيا آهن.

پوليس موجب حملو ڪندڙ شخص سماجي ويب سائيٽ تي ڇوڪري  جو جعلي اڪائونٽ کولي مفت کاڌو کائيندڙ ٻارن کي گهرائي مٿن حملو ڪيو.

پوليس موجب 18سالن جي حملي ڪندڙ ڊيوڊ سنبلي جو ڪنهن به مذهبي يا اسلامي انتها پسند تنظيم سان واسطو ناهي.

پوليس موجب ڊيوڊ کي اسڪول ۾ شاگردن گهڻو تنگ ڪيو هو، جنهن کان تنگ اچي اهڙو قدم کنيو.

واضح رهي ريسورنٽ تي حملي دوران مارجي ويل 9 ڄڻن ۾ 7 ٻار به شامل هئا، جن کي جوابدار گهرائي گوليون هلايون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*