پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت جو اجلاس،رينجرز ڪارروايون ڪراچي تائين محدود رکڻ ۽ گهرو وزير سهيل سيال کي هٽائڻ جا امڪان

sohil-anwar-rangras

پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت جو رينجرز جي اختيارن جي حوالي سان اڄ ٻيهر دبئي ۾ اجلاس ٿيندو، گذريل ڏينهن 5 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو، ذريعن موجب اجلاس ۾ رينجرز ڪارروايون ڪراچي تائين محدود رکڻ ۽ گهرو وزير سهيل سيال کي هٽائڻ تي زور ڏنو ويو.

پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ اڄ ٻيهر دبئي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، فريال ٽالپر، سينيٽر رحمان ملڪ، لطيف کوسا، سهيل انور سيال ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيندا.

گذريل ڏينهن به رينجرز جي اختيارن جي حوالي سان 5 ڪلاڪن تائين اجلاس ٿيو، جيڪو بنا نتيجي ختم ٿي ويو.

ذريعن موجب اجلاس دوران پ پ اڳواڻن رينجرز ڪارروايون ڪراچي تائين محدود رکڻ ۽ ٻين ضلعن ۾ وڏي وزير جي اجازت سان مشروط ڪرڻ تي زور ڏنو.

ٻئي پاسي پ پ پارليامينٽرين جي صدر آصف زرداري سان پ پ سينيٽر رحمان ملڪ ملاقات ڪري ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي بريفنگ ڏني.

 رحمان ملڪ چيو آهي ته آصف زرداري افغانستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي امن جي بحالي لاءِ مثبت قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو………………

Comments

  1. Arif
    Arif 24 July, 2016, 13:55

    There must be some logic behind the decision of warding off Rangers from the interior. Why don’t they tell this logic. Sindhiyun khe Arghunan ae Turkhanan b etro nuqsan na puhchayo jetro zardari’a ae unje tollay PPP je naly te pujayo aa. Sindhyun khe dil je gehraeyun sa mubarak dijy thi ae umeed thi kje ta je ehra haal rahya ta uhy agkathi mutabiq 40 saal ta chadyo pr 4 sadyoon agm panhje mantaqi anjam tae pujnda.

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*