پاڪستان تحريڪ انصاف ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف نيب ۾ ريفرنس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

naim-al-haq-dar-

پاڪستان تحريڪ انصاف ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف نيب ۾ ريفرنس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سڀاڻي احتجاج به ڪيو ويندو.

تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت سڀاڻي اسحاق ڊار خلاف قومي احتساب بيورو ۾ ريفرنس داخل ڪرائيندي.

نعيم الحق چيو ته تحريڪ انصاف ڪرپشن ۽ بدعنوانين خلاف سڀاڻي نيب هيڊ ڪواٽر آڏو احتجاج به رڪارڊ ڪرائيندي.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت احتجاج کي روڪڻ جون سازشون ڪري رهي آهي،  هو واضح ڪن ٿا ته جيڪڏهن ته ڪنهن به قسم جو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ته ان جي ذميوار  نواز سرڪار پاڻ هوندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*