وزيراعظم جو قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعه ايران جي دوري تي تهران روانو ٿي ويو

nasir-junjaha

وزيراعظم جو قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعه ايران جي دوري تي تهران روانو ٿي ويو، ناصر جنجوعه ايراني اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي حوالي سان پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪندو.

وزيراعظم نواز شريف جي هدايتن تي قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعه ايران جي دوري تي روانو ٿي ويو، جتي مختلف ايراني اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.

ناصر جنجوعه ملاقاتن دوران پاڪ-ايران بارڊر جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپيءَ وارن مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪندو.

ذريعن موجب قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعه بلوچستان مان گرفتار ڪيل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي حوالي سان پڻ ايراني اختيارين کي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*