ٺارو شاهه ويجهو قديم ست ڀرائي جي دڙي مان ٺڪر جا ٿانو، ٽرامي ۽ چاندي جي سڪن سميت انساني ۽ جانورن جا هڏا هٿ آيا آهن

tharoshah-daro

ٺارو شاهه ويجهو قديم ست ڀرائي جي دڙي مان ٺڪر جا ٿانو، ٽرامي ۽ چاندي جي  سڪن سميت  انساني ۽ جانورن جا هڏا هٿ آيا آهن، جڏهن ته سڄاڻ ڌرين قديم دڙي کي قبرستان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

ٺارو شاهه کان 3 ڪلوميٽر پري ڳوٺ ڀائي خان ٻٻر  ڀرسان قديم ست ڀرائي جي دڙي مان ٽڪر جا ٿانو، چاندي ۽ ٽرامي جا قديم سڪا هٿ آيا آهن.

دڙي مان انساني ۽ جانورن جا هڏا به هٿ آيا آهن، جڏهن ته علائقي واسين قديم دڙي کي قبرستان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

سڄاڻ ڌرين قديم آثارن واري کاتي کان دڙي جي کوٽائي ۽ تحقيق ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*