ڪراچي جي ڪورنگي ۽ نيو ڪراچي وارن علائقن ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سياسي پارٽي جي ڪارڪن سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا

edhi

ڪراچي جي ڪورنگي ۽ نيو ڪراچي وارن علائقن ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سياسي پارٽي جي ڪارڪن سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اورنگي ٽائون مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سياسي پارٽي سان تعلق رکندڙ ٻن ٽارگيٽ ڪلرز خالد عرف مامو ۽ نوشاد عرف شيرو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب ڪورنگي جي علائقي  51 سي  ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿيار بندن جي  فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو، جنهن جي فيصل جي نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي ۽ ان جو واسطو سياسي پارٽي سان ٻڌايو پيو وڃي.

ڪورنگي  5 نمبر  ۾ سياسي پارٽي جي آفيس ڀرسان ڦورن جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 نيو ڪراچي جي علائقي دعا چوڪ ڀرسان هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري هڪ شخص کي قتل   ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو.

اورنگي ٽائون جي پاڪستان چوڪ وٽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪندي ٻن ٽارگيٽ ڪلرز گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب گرفتار ڪيل ٽارگيٽ ڪلرز خالد عرف مامو ۽ نوشاد عرف شيرو جو واسطو سياسي پارٽي سان آهي.

ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ پوليس ڦر ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن وٽان  ڦر ڪيل رقم ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

، ابراهيم حيدري ۾ پوليس ٻن ڦورن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل رقم ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*