هارين جي حقن لاءِ ۽ جبري پورهئي خلاف مثالي جاکوڙ ڪري نالو ڪمائيندڙ ناليواري هارياڻي ويرو ڪولهڻ کي شراب وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ ٽئين رات به جيل ۾ گذاري

veeru-kolhan

هارين جي حقن لاءِ مثالي جاکوڙ ڪري شهرت ماڻيندڙ هارياڻي ويرو ڪولهڻ ٽئين رات به جيل ۾ گذاري، حيدرآباد جي هوسڙي ٿاڻي جي پوليس کيس شراب وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته معاملي جي جاچ هلي رهي آهي، ويرو ڪولهڻ سان انصاف ڪيو ويندو.

هارين جي حقن لاءِ ۽ جبري پورهئي خلاف مثالي جاکوڙ ڪري نالو ڪمائيندڙ ناليواري هارياڻي ويرو ڪولهڻ کي شراب وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ ٽئين رات به جيل ۾ گذاري.

3 ڏينهن اڳ هوسڙي پوليس ويرو ڪولهڻ کي گرفتار ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن کيس جڊيشل ڪسٽڊي ۾ جيل اماڻيو ڇڏيو هو.

ويرو ڪولهڻ هارين جي جبري پورهئي خلاف زبردست جاکوڙ سبب فيڊرڪ ڊگلس فريڊم ايوارڊ سميت ڪيترائي ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊ ماڻي چڪي آهي. ويرو ڪولهڻ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هوءَ سدرن ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۾ جبري پورهئي جي موضوع تي خطاب ڪري چڪي آهي.

ويرو ڪولهڻ 2013 وارين چونڊن ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف ميدان ۾ لٿي هئي. اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن 2009 ۾ پاڪستان جي دوري دوران ويرو ڪولهڻ جو نالو کڻي کيس ڀيٽا پيش ڪئي هئي ۽ چيو هو ته پاڪستان ۾ ويرو ڪولهڻ جهڙيون عورتون به موجود آهن، جيڪي غلامي خلاف زبردست جاکوڙ ڪري رهيون آهن.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته ويرو ڪولهڻ جي گرفتاري واري معاملي جي جاچ هلي رهي آهي، ويرو ڪولهڻ سان انصاف ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*