پاڪ-ڀارت سرحدي فورسز جو ڇهه ماهي سربراهي اجلاس ٻه مهينن جي دير کانپوءِ سڀاڻي کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو

pakistan-india

پاڪ-ڀارت سرحدي فورسز جو ڇهه ماهي سربراهي اجلاس ٻه مهينن جي دير کانپوءِ سڀاڻي کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو، ورڪنگ بائونڊري تي بنا جواز فائرنگ سميت ٻيا سرحدي معاملا غور هيٺ ايندا، ڳالهين جو ٻيو دور 27 جولاءِ تي لاهور ۾ ٿيندو.

ڀارتي بارڊر سڪيورٽي فورسز جي سربراهه جي  اڳواڻيءَ ۾ وفد سڀاڻي اسلام آباد پهچي رهيو آهي، جتي پاڪ-ڀارت سرحدي فورسز جو سربراهي اجلاس ٿيندو.

اجلاس ۾ ڪسٽم، اميگريشن، ريلوي ۽ اينٽي نارڪوٽڪس جا نمائندا به شريڪ ٿيندا، ورڪنگ بائونڊري تي بنا جواز فائرنگ سميت ٻيا معاملا غور هيٺ ايندا.

پاڪستان رينجرز ۽ بي ايس ايف سربراهن جو ڇهه ماهي اجلاس ٻه مهينا دير سان ٿي رهيو آهي، ڳالهين جو ٻيو دورو 27 جولاءِ تي لاهور ۾ ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*