اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جي سکر سول اسپتال جي دوري دوران مريضن بجلي لوڊشيدنگ ۽ دوائن جي کوٽ جي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

khurshid-shah

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جي سکر سول اسپتال جي دوري دوران مريضن بجلي لوڊشيدنگ ۽ دوائن جي کوٽ جي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، خورشيد شاهه ڊاڪٽرن کي ڇنڊ پٽيندي معاملا هڪ هفتي اندر ٺيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه اوچتو سول اسپتال جو دورو ڪيو، جنهن دوران مريضن دوائن جي کوٽ ۽ بجلي لوڊشيڊنگ جون دانهون ڪيون.

ان موقعي تي خورشيد شاهه ڊاڪٽرن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته سول اسپتال جي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بجيٽ به وڌائي وئي آهي ۽ جنريٽر جي به سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، تنهن باوجود مريضن کي سهولتون فراهم ڇونه پيون ڪيون وڃن.

اسپتال ۾ صفائيءَ جي صورتحال بهتر نه هئڻ تي خورشيد شاهه سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مشينري جي پاڻ صفائي پڻ ڪئي.

اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه بجلي لوڊشيڊنگ ۽ دوائن جي کوٽ ختم ڪري هڪ هفتي اندر سمورا معاملا ٺيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*