حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري ۽ مراد علي شاهه وچ ۾ دبئي ۾ ملاقات

Murad-Ali-Shah-Pir-pagara-25716

حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري ۽ مراد علي شاهه وچ ۾ دبئي ۾ ملاقات ٿي آهي، ذريعن موجب پير پاڳاري مراد علي شاهه کي سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ نامزد ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران  پير پاڳاري مراد علي شاهه کي سنڌ جو نئون وزيراعليٰ بڻائڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

ذريعن موجب پير پاڳاري اميد ظاهر ڪئي ته مراد علي شاهه وڏ وزارت جو قلمدان ملڻ بعد سنڌ جي ترقي ۽ بهتريءَ لاءِ جاکوڙ جاري رکندو.

ذريعن موجب دبئي ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران سنڌ جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*