ڪراچي ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري مهم سخت حفاظتي انتظامن هيٺ شروع

Polio-Karachi-25716

ڪراچي ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري مهم سخت حفاظتي انتظامن هيٺ شروع ٿي وئي آهي، ڪراچي ۾ 6 ڏينهن تائين جاري رهندڙ مهم دوران 8 لک 65 هزار ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا، سکر جي 46 يوسيز ۾ پڻ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا پيا وڃن.

ڪراچي جي ڇهن ئي ضلعن ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ واري مهم شروع ٿي وئي آهي.

صحت کاتي موجب ڇهن ڏينهن تائين جاري رهندڙ مهم دوران  8 لک 65 هزار ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا، جنهن لاءِ 2800 ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

سکر ضلعي جي پڻ 46 يوسيز ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا پيا وڃن، جنهن لاءِ 692 موبائل ٽيمون ۽ 73 ٽرانزٽ ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*