بلوچستان جِي احتساب عدالت، ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ ناڻي بابت اڳوڻي سيڪريٽري مشتاق ريئساڻي ۽ ميونسپل ڪميٽي جي اڪائونٽنٽ جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪندي کين نيب حوالي ڪري ڇڏيو

mushtaq raisani

بلوچستان جِي احتساب عدالت، ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ ناڻي بابت اڳوڻي سيڪريٽري مشتاق ريئساڻي ۽ ميونسپل ڪميٽي جي اڪائونٽنٽ جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪندي کين نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

نيب بلوچستان ميگا اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي سيڪريٽري ۽ خالد آباد ميونسپل ڪميٽي جي اڪائونٽ نديم اقبال کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو.

نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏنا ته مشتاق رئيساڻي جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيا آهن، جن جي آڌار تي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.

نيب عدالت کان استدعا ڪئي ته ڪيس جي جاچ هلندڙ آهي، تنهنڪري جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.

عدالت نيب جي اهڙي درخواست تي مشتاق رئيساڻي جي جسماني رمانڊ ۾ ستون ڀيرو 10 ۽ اڪائونٽنٽ نديم اقبال جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته بلوچستان ميگا اسڪينڊل ڪيس ۾ هيل تائين اهم گرفتاريون ٿي چڪيون آهن…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*