وزيراعظم نواز شريف، افغان صدر اشرف غني سان فون تي رابطو ڪري ڪابل ڌماڪن تي افسوس جو اظهار

Nawaz-Sharif---Afghan-Sadar-25-716

وزيراعظم نواز شريف، افغان صدر اشرف غني سان فون تي رابطو ڪري ڪابل ڌماڪن تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته دهشتگرد پاڪستان ۽ افغانستان جا گڏيل دشمن آهن.

وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم نواز شريف افغان صدر اشرف غني سان فون تي رابطو ڪري ڪابل ڌماڪن ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

ان موقعي تي وزيراعظم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ افغان ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان، افغانستان سان سهڪار لاءِ پر عزم آهي.

وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان ۽ افغانستان جا گڏيل دشمن آهن، جڏهن ته افغان صدر اشرف غني جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ٻئي ملڪ هـِڪُ آهن، ڏکي وقت ۾ ايڪي جو اظهار ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*