جلد سنڌ جي نئين وڏي وزير جو اعلان ڪيو ويندو، جيڪڏهن مٿس اعتماد ڪيو ويو ته هـُُو عوام جي خدمت ڪندو,سيد مراد علي شاهه

Murad-Ali-Shah-25716

دبئي اجلاس کانپوءِ سينيئر صوبائي وزير مراد علي شاهه، امداد پتافي ۽ مڪيش ڪمار چاولا واپس ڏيهه پهچي ويا، سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جلد سنڌ جي نئين وڏي وزير جو اعلان ڪيو ويندو، جيڪڏهن مٿس اعتماد ڪيو ويو ته هـُُو عوام جي خدمت ڪندو.

دبئي ۾ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس دوران اهم فيصلن کانپوءِ سينيئر صوبائي وزير مراد علي شاهه، امداد پتافي ۽ مڪيش ڪمار چاولا واپس ڏيهه پهچي ويا.

ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته تمام جلد سنڌ جي نئين وڏي وزير جو اعلان ڪيو ويندو، پيپلز پارٽي جنهن جي به چونڊ ڪندي اهو ئي وڏو وزير ٿيندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه ته جيڪڏهن پارٽي قيادت کيس وڏو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ته هــُو سنڌ جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪندو.

رينجرز جي مقرري ۽ اختيارن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته انهيءَ حوالي سان سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن، موجوده وڏو وزير ئي رينجرز جي اختيارن واري سمري تي صحيح ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*