افغان پناهگيرن جي شڪل ۾ دهشتگرد پناهه وٺي رهيا آهن، افغان مهاجرن ۽ دهشتگردن ۾ سڌيءَ ريت لنڪ موجود آهي,دفاع واري وزير خواجه آصف

Khuwaja-asif-25716

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته افغان پناهگيرن جي شڪل ۾ دهشتگرد پناهه وٺي رهيا آهن، افغان مهاجرن ۽ دهشتگردن ۾ سڌيءَ ريت لنڪ موجود آهي.

سينيٽ جي دفاع بابت ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مشاهد حسين سيد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس ۾ دفاع واري وزير خواجه آصف ۽ سيڪريٽري دفاع پاڪ-افغان بارڊر جي سڪيورٽي صورتحال سميت مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني.

خواجه آصف بريفنگ ڏيندي چيو ته افغان پناهگيرن جي شڪل ۾ دهشتگرد پناهه وٺي رهيا آهن، افغان مهاجرن ۽ دهشتگردن ۾ سڌيءَ ريت لنڪ موجود آهي.

هن چيو ته افغان صدر پنهنجي مهاجرن کي واپس گهرائي، ان بعد  جيڪڏهن هتي دهشتگردن جون پناهگاهون رهيون ته ختم ڪيون وينديون.

والاريل ڪشمير بابت بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري دفاع چيو ته پاڪستان برطانيا سميت مختلف ملڪن آڏو ڪشمير مسئلو اٿاريو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*