پيپلز پارٽي جي دبئي اجلاس ۾ اهم فيصلن کانپوءِ وڏو وزير سيد قائم علي شاهه واپس ڏيهه پهچي ويو

Qaim-Ali-Shah-25716

پيپلز پارٽي جي دبئي اجلاس ۾ اهم فيصلن کانپوءِ وڏو وزير سيد قائم علي شاهه واپس ڏيهه پهچي ويو، وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته سندس لاءِ اهو چوڻ ڏکيو آهي ته سنڌ جو نئون وڏو وزير ڪير هوندو، وڏ وزارت دوران ايمانداري سان عوام جي خدمت ڪئي، ڪارڪردگي جو فيصلو به عوام ئي ڪندو.

دبئي ۾ پيپلز پارٽي جي اجلاس دوران وڏ وزارت تان هٽائڻ واري اهم فيصلي کانپوءِ سيد قائم علي شاهه واپس ڪراچي پهچي ويو.

ڪراچي ايئرپورٽ کان سي ايم هائوس روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي نئين وڏي وزير جي چونڊ جو اختيار وٽس نه آهي ۽ نه ئي نئين وڏي وزير جي نالي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.

هن چيو ته سندس لاءِ اهو چوڻ ڏکيو هوندو ته سنڌ جو نئون وڏو وزير ڪير هوندو ۽ سندس مستقبل جو فيصلو به پارٽي قيادت ڪندي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته وڏ وزارت دوران هــُن ايمانداريءَ سان عوام جي خدمت ڪئي، تنهنڪري سندس ڪارڪردگي جو فيصلو به عوام ئي ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*