ڪراچي ۾ گجر نالي تي قبضن خلاف ڪي ايم سي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ سيل جو آپريشن جاري

Gujarnala-25716

ڪراچي ۾ گجر نالي تي قبضن خلاف ڪي ايم سي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ سيل جو آپريشن جاري آهي، انتظاميا پاران هيوي مشينري ذريعي ڪيتريون ئي غير قانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون، رهواسين جي مزاحمت ۽ احتجاج بعد پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.

Gujarnala2-25716

ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل پاران رهواسين کي ڏنل مهلت ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪي ايم سي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ سيل طرفان گجر نالي تي غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي.

انتظاميا هيوي مشينري ذريعي گجر نالي جي ٻنهي طرفن کان ڪيتريون ئي غير قانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، جڏهن ته رهواسين جي مزاحمت ۽ احتجاج تي وڌيڪ پوليس نفري طلب ڪئي وئي.

Gujar-nala-1-25716

انتظاميا جو چوڻ آهي ته رهواسين کي نوٽيس به ڏنا ويا پر گجر نالي تان قبضا ختم نه ڪيا ويا، هر صورت ۾ غير قانوني اڏاوتون ڊاٿيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*