آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ ۽ ٻارڙن جي موٽر سائيڪل هلائيندڙن خلاف ٽريفڪ پوليس کي ڪارروائي جو حڪم

Khuwaja-IG-25716

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ ۽ ٻارڙن جي موٽر سائيڪل هلائيندڙن خلاف ٽريفڪ پوليس کي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

آءِ جي سنڌ پوليس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ون ويلنگ ۽ ننڍي عمر ۾ موٽر سائيڪل هلائيندڙ حادثن جو سبب بڻجي رهيا آهن.

آءِ جي سنڌ ٽريفڪ پوليس کي ون ويلنگ ۽ موٽر سائيڪل هلائيندڙ ٻارڙن خلاف قانوني ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته ننڍي عمر ۾ موٽر سائيڪل هلائڻ ۽ ون ويلنگ جي نقصانن بابت والدين ۽ ٻارڙن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ اشتهاري مهم هلائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*