سنڌ جي نئين متوقع وڏي وزير مراد علي شاهه سي ايم هائوس پهچي وڏي وزير قائم علي شاهه سان ملاقات

Qaim-Ali-Shah--Murad-Ali-Shah-26716

سنڌ جي نئين متوقع وڏي وزير مراد علي شاهه سي ايم هائوس پهچي وڏي وزير قائم علي شاهه سان ملاقات ڪري دبئي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون، موڪلاڻي ڪندڙ وڏي وزير قائم علي شاهه ڪم ڪار ڇڏي ڏنو، وڏ وزارت تان هٽائڻ وارو فيصلو سامهون اچڻ کانپوءِ قائم علي شاهه هڪ به سمري تي صحيح نه ڪئي.

سنڌ جي نئين متوقع وڏي وزير مراد علي شاهه سي ايم هائوس پهچي وڏي وزير قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران دبئي اجلاس دوران ٿيل اهم فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

سنڌ ۾ وڏي وزير جي تبديلي واري پيپلز پارٽي جي اعلان بعد وڏو وزير قائم علي شاهه ڪنڊائتو ٿي ويو آهي، گذريل ڏينهن وطن واپس پهچڻ باوجود هن ڪنهن به سمري تي صحيح ناهي ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏو وزير قائم علي شاهه پ پ قيادت جي فيصلي تي ڏکارو آهي، ويجهن ذريعن موجب کيس ان ڳالهه جو ڏک آهي ته فيصلي کان اڳ ساڻس مشاورت ڪرڻ بدران کيس گهرائي فيصلي بابت آگاهي ڏني وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن دبئي کان وطن واپس پهچڻ باوجود وڏي وزير ڪنهن به سرڪاري ڪارونهنوار ۾ هٿ ناهي وڌو ۽ نه ئي ڪنهن سمري تي صحيح ڪئي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*