ڪراچي جي گجر نالي تي تعمير ڪيل گهر ۽ حددخليون هٽائڻ وارو آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري

Gujarnala-25716

ڪراچي جي گجر نالي تي تعمير ڪيل گهر ۽ حددخليون هٽائڻ وارو آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري آهي، رهواسين پاران امڪاني مزاحمت کي منهن ڏيڻ ۽ عملي جي حفاظت لاءِ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

ڪي ايم سي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ سيل طرفان گجر نالي جي ٻنهي پاسن کان ٿيل غير قانوني اڏاوتن خلاف ٻئي ڏينهن به آپريشن جاري آهي.

گجر نالي تان قبضا ختم ڪرائيندڙ عملي جي حفاظت لاءِ ضلعي جي وڏي پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

اسسٽنٽ ڪمشنر سينٽرل ون مختار ابڙو جو چوڻ آهي ته قبضا ختم ڪرائي گجر نالي جي ٻنهي پاسن کان روڊ بڻايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*