ٽنڊو الهيار ۾ ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Tando-yaar-Accident-26716

ٽنڊو الهيار  ۾ ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾  هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته نوابشاهه،موهن جو دڙو ۽ خانپور ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن .

ٽنڊو الهيار ويجهو قبواسٽاپ تي ٻن ٽرڪن ۽ ڪار وچ ۾ حادثي جي نتيجي ۾ 17ورهين جو نديم مري موقعي تي فوت ٿي ويو.

حادثي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي فوتي سان گڏ سول اسپتال  منتقل ڪيو ويو.

نوابشاهه ويجهو قاضي احمد روڊ تي ڪار جو  موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾  2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نوابشاهه ويجهو نيشنل هاءِ وي تي به ڪار جو موٽر سائڪيل کي ٽڪر  لڳڻ جي نتيجي ۾ مقامي فنڪار راهب علي انڙ ۽ سندس امڙ مسمات ساران حيدري زخمي  ٿي پيا.

ڏوڪري ۾زرعي بنڪ ڀرسان ميونسپل  عملي جي گاڏي دڪان سان ٽڪرائجڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾  الله بخش ٻگهيو، يار محمد گاڏهي، ساحل،  ستار ۽ آزاد سومرو  شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

خانپور ڀرسان  انڊس هاءِ وي تي مزدا جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار سليمان شاهه زخمي ٿي پيو، جنهن بعد پوليس مزدا  ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*