ڪراچي پوليس 12 مئي 2007ع واري سانحي ڪيس ۾ تڏهوڪَي صوبائي صلاحڪار وسيم اختر جي گرفتاري ظاهر ڪندي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج آڏو پيش ڪري ڇڏيو

Wasim-Akhter-26716

ڪراچي پوليس 12 مئي 2007ع واري سانحي ڪيس ۾ تڏهوڪَي صوبائي صلاحڪار وسيم اختر جي گرفتاري ظاهر ڪندي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج آڏو پيش ڪري ڇڏيو، عدالت پوليس جي جسماني ريمانڊ واري استدعا رد ڪندي جوابدار کي 12 مئي سانحي ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس ۾ 14 ڏينهن لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس ۾ گرفتار متحده اڳواڻ وسيم اختر جي ايئرپورٽ پوليس 12 مئي سانحي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري کيس جسماني ريمانڊ لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج فاروق شاهه آڏو پيش ڪيو.

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته  وسيم اختر ۽ مشتاق عرف ڪالا 12 مئي سانحي ۾ گرفتار آهن، جن تي جلاءُ گهيراءُ، ايمبولينس جو رستو روڪڻ ۽ 7 ماڻهن کي زخمي ڪرڻ جو الزام آهي.

پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کان 12 مئي سانحي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، جنهن ڪري کي جسماني ريمانڊ تي حوالي ڪيو وڃي.

پوليس عدالت کي آگاهه ڪيو ته وسيم اختر خلاف 12 مئي سميت مختلف ٿاڻن تي داخل 7 ڪيسن جي جاچ ڪئي پئي وڃي، صوبائي گهرو صلاحڪار جي حڪمن تي پوليس 12 مئي تي هٿيار استعمال نه ڪيا.

پوليس موجب وسيم اختر 12 مئي تي صوبائي صلاحڪار جي حيثيت سان اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، يونٽ ۽ سيڪٽرز جي اڳواڻن جلاءُ گهيراءُ ۽ حملا ڪيا.

پوليس موجب وسيم اختر، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي استقبال لاءِ ڪنهن به ريلي کي ايئرپورٽ نه پهچڻ جا حڪم ڏنا.

عدالت پوليس جي جسماني ريمانڊ واري استدعا رد ڪندي وسيم اختر کي 12 مئي سانحي ڪيس ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير ۾ سهولتڪار واري ڪيس ۾ 14 ڏينهن لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

عدالت جوابدار کان 12 مئي سانحي بابت پوليس کي جيل اندر پاڇاڳاڇا ڪرڻ جي اجازت ڏيندي چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس ۾ چالان طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*