پارٽي جيڪو به فيصلو ڪندي اکين تي هوندو، انتظامي تبديلين بابت سمورا فيصلا قبول آهن،وڏي وزير قائم علي شاهه

Qaim-Ali-Shah-26716

وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته پارٽي جيڪو به فيصلو ڪندي اکين تي هوندو، انتظامي تبديلين بابت سمورا فيصلا قبول آهن، پارٽي اندر ڪي به تضاد نه آهن، سمورا فيصلا مشاورت سان ۽ عوام جي مفاد وٽان ڪيا پيا وڃن.

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار سان والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ امريڪي قونصل خاني پاران لياقت لائبرري اندر قائم ڪيل لنڪن سينٽر جي افتتاح بعد ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پ پ اندر ڪنهن به قسم جو تضاد نه آهي.

هن چيو ته پارٽي اندر سمورا فيصلا صلاح مشوري سان ٿي رهيا آهن، سندس حوالي سان پارٽي جيڪو به فيصلو ڪيو اهو کيس قبول آهي.

هن چيو ته پنهنجي 8 سالا دور ۾ تعليم ۽ صحت واري شعبي کي ترقي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي،  هــُو پيپلز پارٽي جو ڪارڪن آهي ۽ هميشه ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهندو.

وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڳالهين کان انڪار نه ڪيو آهي، هــُو جمهوري ماڻهو آهن، ڪيتري به ناراضگي هجي مسئلا ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*