ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪارروايون ڪري اسٽريٽ ڪرائيمز، ڦر ۽ ڌاڙي جي وارداتن ۾ ملوث ٻن ڏوهاري گينگس جي 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

Rangers-26716

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪارروايون ڪري اسٽريٽ ڪرائيمز، ڦر ۽ ڌاڙي جي وارداتن ۾ ملوث ٻن ڏوهاري گينگس جي 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو،  رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدار گلستان جوهر، گلشن اقبال، گلشن معمار، سهراب ڳوٺ ۽ ملير ۾ سرگرم هيا، سندن قبضي مان ڌماڪيدار مادو، هٿيار ۽ ڦر ٿيل موبائل فونز هٿ ڪيا ويا.

رينجرز ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب شهر جي مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪيون ويون،  جنهن دوران ٻن ڏوهي گينگس جي 11 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

رينجرز ترجمان موجب ڏوهارين جي گرفتار ڪيل هڪ ٽولي ۾ محمد ڪاشف، دلشاد عرف پپا، سلمان، محمد واصف، وسيم اختر عرف فوجي، مجاهد حسين ۽ فهد شامل آهن، جن جاچ دوران ڌاڙي ۽ ڦر جي 60 کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي ٻئي ٽولي ۾ جاويد رضا، راحيل عمر، وقاص حيدر ۽ توصيف شامل آهن، جن پڻ 50 کان وڌيڪ ڏوهي وارداتن ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

ترجمان  موجب گرفتار جوابدار گلستان جوهر، گلشن اقبال، گلشن معمار، سهراب ڳوٺ ۽ ملير ۾ سرگرم هيا، جن وٽان هٿيار، ڌماڪيدار مادو ۽ ڦر ڪيل موبائيل فون هٿ ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*