ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب ڪرپشن ڪيس ۾ شاهد روينيو عملدار عماد الدين چاچڙ تي جرح ڪئي وئي

Dr-asim-in-sindh-hi-court

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب ڪرپشن ڪيس ۾ شاهد روينيو عملدار عماد الدين چاچڙ تي جرح ڪئي وئي، شاهد عماد الدين چيو آهي ته پوسٽنگ کان اڳ رڪارڊ تائين سندس ڪابه پهچ نه هئي، عدالت ۾ پيش ڪيل سمورا دستاويز نه ته هـُن تيار ڪيا آهن ۽ نه ئي سندس صحيح ٿيل آهي، ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته سندس جيل وڃڻ جي پٺيان ڪجهه سياستدان ۽ ڪجهه ڊاڪٽر آهن.

احتساب عدالت ۾ 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊاڪٽر عاصم سميت نامزد ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ڪيس جي شاهد ۽ بورڊ آف روينيو جي عملدار عماد الدين چاچڙ تي ڊاڪٽر عاصم حسين جي وڪيلن پاران جرح ڪئي وئي.

ڪيس جي شاهد عماد الدين چاچڙ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پوسٽنگ کان اڳ رڪارڊ تائين سندس ڪابه پهچ نه هئي، 2 آڪٽوبر 2015ع تي نيب بيان رڪارڊ نه ڪيو ۽ نه ئي سندس ڪو رڪارڊ پيش ڪيو ويو.

هن چيو ته هــُو ڪيترائي ڀيرا نيب جي آفيس ۾ وڃي چڪو آهي ۽ سندس پيش ڪيل سمورا دستاويز نه ته هـُن تيار ڪيا ۽ نه ئي انهن تي سندس صحيح ٿيل آهي، جن سمورين پراپرٽيز جو ذڪر ڪراچي بدامني ڪيس دوران ٿي چڪو آهي.

عماد الدين چاچڙ چيو ته بدامني ڪيس دوران ڪيترن ئي الاٽيز کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، جن ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين به شامل آهي.

ڪيس جي شاهد تي جرح جاري هئي ته احتساب عدالت ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي روينيو عملدار عماد الدين مٿان جرح ايندڙ ٻڌڻي تي به جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.

عدالت ۾ غير رستي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته سندس جيل وڃڻ جي پٺيان ڪجهه سياستدان ۽ ڪجهه ڊاڪٽر آهن، جيل ۾ هجڻ سبب سنڌ سرڪار ۾ تبديلين بابت ڄاڻ ناهي.

آزادي کانپوءِ پارٽي ۾ ڪم ڪرڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته هاڻي بس هــُو پنهنجي اسپتال هلائيندو ۽ الله الله ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*