ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ دهشتگردن حساس ادارن جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ٻن فوجي جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو

Karachi-Army-Attack-26716

ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ دهشتگردن حساس ادارن جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ٻن فوجي جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، شهيد فوجي جوانن جي سڃاڻپ لانس نائڪ عبدالرزاق ۽ سپاهي خادم حسين طور ڪئي وئي، سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل سوار دهشتگردن فوجي جوانن کي نائين ايم ايم پسٽل سان نشانو بڻايو، آءِ جي سنڌ ڪراچي پوليس چيف کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

صدر ويجهو پارڪنگ پلازه وٽ موٽر سائيڪل سوار دهشتگردن پاڪ فوج جي گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 جوان سخت زخمي ٿي پيا.

زخمي ٿيل فوجي جوان عبدالرزاق ۽ خادم حسين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻنهي ڄڻن دم ڌڻي حوالي ڪيو.

شهيد فوجي جوان عبدالرزاق جو تعلق نوشهرو فيروز ۽ شهيد خادم حسين جو تعلق دادو سان ٻڌايو پيو وڃي.

پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا واقعي واري هنڌ پهتا ۽ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر پڻ واقعي واري هنڌ پهتو، جڏهن ته جاچ ڪندڙ ادارا به پهچي شاهديون گڏ ڪيون.

سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب چيو ته دهشتگردن فوجي جوانن کي نائين ايم ايم پسٽل سان نشانو بڻايو، واقعي واري هنڌان گولين جا خول به هٿ ڪيا ويا آهن.

 آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه اي آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*