صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نوازشريف ڪراچي ۾ ٻن فوجي جوانن جي شهيد ٿيڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي دهشتگردن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم

Nawaz-Sharif--Mamnoon-26716

صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نوازشريف ڪراچي ۾ ٻن فوجي جوانن جي شهيد ٿيڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي دهشتگردن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، نوازشريف چيو آهي ته ڪراچي آپريشن کي پٽڙي تان لهڻ نه ڏينداسين.

ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان موجب صدر ممنون حسين ڪراچي واقعي جي مذمت ڪئي ۽ اختيارين کي حڪم ڏنو آهي ته واقعي جي ذميوار دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

وزيراعظم جاري ڪيل بيان ۾ ڪراچي ۾ ٻن فوجي جوانن جي شهيد ٿيڻ واري واقعي جي مذمت ڪئي.

نوازشريف گهرو وزارت کي حڪم ڏنو آهي ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي فوري طور تي گرفتار ڪري رپورٽ ڏني وڃي.

وزيراعظم نوازشريف چيو ته ڪراچي ۾ جاري آپريشن شهر ۾ امن امان جي قيام لاءِ ڪيو پيو وڃي، ان آپريشن کي پٽڙي تان لهڻ نه ڏنو ويندو.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار به واقعي جي مذمت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.

چوڌري نثار چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ جي جوانن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، ڪراچي ۾ هر صورت ۾ امن قائم ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*