آرمي چيف جنرل راحيل شريف مصر جي صدر سان ملاقات ڪري دهشتگردي خلاف جنگ ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي

army-chief-meet-egypt-president-26716

آرمي چيف جنرل راحيل شريف مصر جي صدر سان ملاقات ڪري دهشتگردي خلاف جنگ ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي،  پاڪ فوج جي سربراهه چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت کان ڇوٽڪاري لاءِ مسلمان ملڪن ۾ اتحاد جي ضرورت آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، مصري جي دوري تي پهتل آرمي چيف جنرل راحيل شريف قاهره ۾ مصر جي صدر عبدالفتح السيسي سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۽ علائقائي سلامتي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مصر جي صدر دهشتگردي خلاف جنگ ۽ خطي جي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته دهشتگردي  جهڙي لعنت جي خاتمي لاءِ مسلمان ملڪن ۾ ٻڌيءَ جي ضرورت آهي.

ان کان اڳ آرمي چيف جنرل راحيل شريف مصر جي اسپيشل فورسز جي ٽريننگ جو به جائزو ورتو ۽ مصري فوج جي ڪارڪردگي کي ساراهيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*