پنجاب جي مختلف جيلن ۾ موت جي سزا جي منتظر ٻن قيدين کي ڦاهي ڏني وئي

hang-08

پنجاب جي مختلف جيلن ۾ موت جي سزا جي منتظر ٻن قيدين کي ڦاهي ڏني وئي، ٻنهي قيدين کي ڦاهي ڏيڻ کان اڳ سندن وارثن سان ملاقات ڪرائي وئي.

سرگوڌا ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قتل جي جوابدار سبطين شاهه کي صبح سوير ڦاهي تي چاڙهيو ويو، جوابدار گهريلو جهيڙي بعد ڀيڻيوي کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

ساهيوال جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ به قتل جي قيدي غلام مصطفيٰ جي ڦاهي تي عملدرآمد ڪيو ويو.

جيل انتظاميه جو چوڻ آهي ته قيدي غلام مصطفيٰ 1992 ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هڪ عورت ۽ ٻن ٻارڙن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.

جيل انتظاميه موجب ٻنهي قيدين کي ڦاهي ڏيڻ کان اڳ وارثن سان ملاقات ڪرائي وئي، سزا تي عمل بعد ٻنهي قيدين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*