پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحدي محافظن جو اجلاس اڄ لاهور ۾ جاري

Pakistan-India-27716

پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحدي محافظن جو اجلاس اڄ لاهور ۾ جاري آهي، جنهن ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سرحد تي گڏيل گشت سميت ٻين اهم معاملن  تي غور ڪيو پيو وڃي.

لاهور ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحدي محافظن جو ساليانو اجلاس رينجرز هيڊڪوارٽر ۾ جاري آهي، جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڊي جي رينجرز پنجاب ميجر جنرل عمر فاروق برڪي ۽ ڀارت پاران ڊي جي بي ايس ايف ڪرشن شرما ڪري رهيا آهن.

اجلاس ۾ غلطي سان سرحد پار ڪري ايندڙ ۽ سزا پوري ڪندڙ قيدين جي آزادي تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سرحدي ڀڃڪڙي وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي به ويچاريو پيو وڃي.

رينجرز اختيارين موجب اسمگلنگ جي روڪٿام، گڏيل گشت ۽ ٻيا معاملا به ڳالهين جي ايجنڊا ۾ شامل آهن.

ڀارتي سڪيورٽي فورسز جو وفد پاڪستاني اختيارين سان ڳالهين بعد 28 جولاءِ تي واپس ويندو……………

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*