پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري لاهور پهچڻ بعد پارٽي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۽ قومي مشاورتي اجلاس طلب

Tahir-Ul-Qadri-27716

پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري لاهور پهچڻ بعد پارٽي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۽ قومي مشاورتي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي ، طاهر القادري چيو آهي ته ڦرلٽ ۽ ڪرپشن کي جمهوريت جو نالو نٿو ڏئي سگهجي، سياسي پارٽين سان مشاورت بعد اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.

عوامي تحريڪ جو سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري لنڊن مان لاهور ايئرپورٽ پهتو ته پي اي ٽي جي ڪارڪن سندس شاندار آجيان ڪئي.

ايئرپورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جي فراموش نٿو ڪري سگهجي، ذميوارن کي سزا ڏيارڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته 29 جولاءِ تي عوامي تحريڪ جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو   طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ 31 جولاءِ تي قومي مشاورتي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ شرڪت لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي دعوت ڏني وئي آهي.

طاهر القادري جو چوڻ هو ته  موجوده حڪومتي دور ۾ سوا 4 سئو ارب رپين جا قرض معاف ڪرايا ويا، ڦرلٽ ۽ ڪرپشن کي جمهوريت جو نالو نٿو ڏئي سگهجي.

پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته قومي مشاورتي اجلاس ۾ حڪومت مخالف تحريڪ کي حتمي شڪل ڏيڻ بعد حتمي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*