ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿي ويل ٻن فوجي اهلڪارن جا مڙهه دادو ۽ نوشهرو فيروز ويجهو اباڻن ڳوٺن ۾ پهچائڻ بعد جنازي نماز ادا ڪري مڙهه فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا

Saddar-Army-Death-27716

ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿي ويل ٻن فوجي اهلڪارن جا مڙهه دادو ۽ نوشهرو فيروز ويجهو اباڻن ڳوٺن ۾ پهچائڻ بعد جنازي نماز ادا ڪري مڙهه فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، جنازي نماز ۾سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن سميت فوجي عملدارن به شرڪت ڪئي.

 ڪراچي صدر واري علائقي ۾ گذريل ڏينهن دهشتگردن هٿان شهيد ٿي ويل فوجي اهلڪار خادم حسين ابڙو جو مڙهه دادو ويجهو اباڻي ڳوٺ چٽل ابڙو پهچائي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

شهيد فوجي اهلڪار عبدالرزاق چنا جو مڙهه ٺارو شاهه ويجهو اباڻي ڳوٺ عثمان تنيو ۾  پهچائي جنازي نماز  ادا ڪرڻ بعد فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي وئي.

شهيد ٿيل فوجي اهلڪارن جي جنازي نماز ۾سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن سميت فوج جي عملدارن به شرڪت ڪئي، ان دوران شهيد اهلڪارن کي سلامي پيش ڪئي وئي.

گذريل ڏينهن صدر ويجهو پارڪنگ پلازه وٽ موٽر سائيڪل سوار دهشتگردن پاڪ فوج جي گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي فوجي اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*