پيپلز پارٽي پاران سيد مراد علي شاهه کي سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ نامزد

Murad-Ali-Shah-27716

پيپلز پارٽي پاران سيد مراد علي شاهه کي سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ نامزد ڪرڻ کانپوءِ وڏو وزير سيد قائم علي شاهه اڄ گورنر سان ملاقات ڪري پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام ۽ پارٽي جي ڀلائي لاءِ وڏي وزير جي تبديلي وارو ڏکيو فيصلو ڪرڻو پيو، قائم علي شاهه پارٽي جو اثاثو آهي، کائنس هميشه رهنمائي ورتي ويندي.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلاول هائوس ۾ پ پ پارلياماني پارٽي جي اجلاس دوران سيد مراد علي شاهه کي سنڌ جو نئون وڏو وزير نامزد ڪيو، جنهن بعد سيد قائم علي شاهه کيس پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪئي.

وڏو وزير سيد قائم علي شاهه اڄ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪري پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪندو.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي استعيفيٰ جي منظوري کانپوءِ گورنر عشرت العباد سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائيندو، جنهن ۾ پهريان مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ بعد ۾ وڏي وزير جي چونڊ ڪئي ويندي.

بلاول ڀٽو زرداري قائم علي شاهه جي پارٽي ۽ سنڌ جي عوام لاءِ ڪيل خدمتن جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته قائم علي شاهه کي هٽائڻ وارو فيصلو ڏکيو هو پر عوام ۽ پارٽي جي مفادن خاطر اهڙو فيصلو ڪرڻو ئي پيو.

پ پ چيئرمين چيو ته قائم علي شاهه پارٽي جو سرمايو آهي، سندس تجربي مان رهنمائي حاصل ڪندا رهنداسين……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*