ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم سان نامزد انيس قائمخاني جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو 3 آگسٽ تائين محفوظ ڪري ورتو

Atc-Karachi-25-7

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم سان نامزد انيس قائمخاني جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو 3 آگسٽ تائين محفوظ ڪري ورتو، رينجرز جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏنا ته جي آءِ ٽِي ۾ ڊاڪٽر عاصم جو بيان ثبوت طور ڪافي آهي، ايم ڪيو ايم جَي 9 دهشتگردن جي علاج وارا بل به غائب ڪيا ويا آهن.

ڊاڪٽر عاصم خلاف دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ نامزد پي ايس پي اڳواڻ انيس قائمخاني جي ضمانت واري درخواست تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڌرين جي وڪيلن پيش ٿي دليل ڏنا.

انيس قائمخاني جي وڪيل دليل ڏنا ته سندس موڪِل ڪيترائي سال اڳ ايم ڪيو ايم ڇڏي چڪو آهي، کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ پراڻا ڪيس کوليا پيا وڃن.

هن چيو ته قانون ڪنهن جو به علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ٿو، الزامن ۾ ڪابه صداقت نه آهي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته گولي لڳل جوابدار بابت پهريان پوليس کي اطلاع ڏيڻ گهرجي ها.

رينجرز جي وڪيل چيو ته ايم ڪيو ايم جَي 9 دهشتگردن جي علاج وارا بل غائب ڪيا ويا، انيس قائمخاني خلاف جَي آءِ ٽِي آڏو ڊاڪٽر عاصم حسين جو بيان ثبوت طور ڪافي آهي.

رينجرز وڪيل چيو ته رينجرز طرفان ضياءَ الدين اسپتال ۾ علاج ڪرايل 330 دهشتگردن جون ايف آءِ آرز جمع ڪرايون ويون ۽ 27 دهشتگردن جي علاج وارا بل به جمع ڪرايا ويا.

ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت انيس قائمخاني جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو 3 آگسٽ تائين محفوظ ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*