ملتان ۾ ڦورن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلي دوران فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا ۽ 8 فرار ٿي ويا

Multan-College-15-1

ملتان ۾ ڦورن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلي دوران فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا ۽ 8 فرار ٿي ويا.

پوليس موجب اشتهاري جوابدارن جي موجودگي واري اطلاع تي خان ڳڙهه ۽ بهاءُ الدين ذڪريه ٿاڻن جي پوليس جليبي موڙ ويجهو گڏيل ڪارروائي ڪئي.

ان دوران ڦورن ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا ۽ 8 ڄڻا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

مارجي ويلن ڦورن جي سڃاڻپ ذوالفقار ۽ قاري طارق جي نالن سان ڪئي وئي آهي، جيڪي ٻن پوليس اهلڪارن جي قتل سميت ڪيترن ئي واردتان ۾ گهربل هئا.

 پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ٿي ويل ڦورن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*