پاڪ-چين راهداري منصوبي کي 3 حڪومتون مڪمل ڪنديون، منصوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو سنڌ صوبي جو آهي،ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال

Ahsan-Iqbal-27716

ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ-چين راهداري منصوبي کي 3 حڪومتون مڪمل ڪنديون، منصوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو سنڌ صوبي جو آهي، 2014ع ۾ ماهرن پاڪستان کي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيڻ جون اڳڪٿيون ڪيون پر حڪومت جي مثبت سوچ ۽ قدمن سبب اڄ صورتحال بلڪل مختلف آهي.

ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ادارن کي خانگائڻ سان سيڙپڪاري ۾ واڌارو ٿيندو، جنهن ڪري وفاقي حڪومت نجڪاري تي يقين رکي ٿي.

هن چيو ته ماهرن 2014ع ۾ پاڪستان جو ڏيوالو نڪرڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي پر حڪومت جي مثبت سوچ ۽ قدمن سبب اڄ صورتحال بلڪل ابتڙ آهي.

احسن اقبال چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي کي سمورن صوبن جي حمايت حاصل آهي، ٽي حڪومت گڏجي منصوبي کي اڳتي وڌائينديون، سي پيڪ جو سڀ کان وڌيڪ حصو سنڌ ۾ اچي ٿو.

وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت ۾ توانائي بحران جي خاتمي تي سڀ کان وڌيڪ ڪم ٿيو آهي، جنهن تي 35 ارب ڊالر جي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*