ايبٽ آباد سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ برسات سبب هيٺانهان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

Punjab-Rain-27716

ايبٽ آباد سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ برسات سبب هيٺانهان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ايبٽ آباد ۽ گوجرانوالا ۾ برسات کانپوءِ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 4 ٻارڙا ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا.

ايبٽ آباد شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيترائي ڪلاڪ چوماسي جي تيز برسات کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

برسات سبب مانسهره روڊ ۽  گهٽين ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهڻ سبب رهواسي سخت پريشان آهن، جڏهن ته گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙا ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا.

گوجرانوالا ۾ به برسات کانپوءِ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ برسات گوجرانوالا ۾ 135 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

گوجرانوالا ۾ تيز برسات کانپوءِ پاڻي عدالتن، سرڪاري عمارتن ۽ اسپتالن ۾ داخل ٿي ويو آهي.

 موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برسات جو سلسلو 2 کان ٽن ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*