مسلم ليگ ن نئين چونڊيل ايم ايل اي راجا فاروق حيدر کي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو

Raja-Farooq-azad-Kashmir-27716

 مسلم ليگ ن نئين چونڊيل ايم ايل اي راجا فاروق حيدر کي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ عوام ن ليگ تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ آزاد ڪشمير جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي نون چونڊيل مميبرز، سينيئر اڳواڻن ۽ وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ حڪومت ٺاهڻ ۽ ڪابينا جي جوڙجڪ سميت ٻين معاملن تي مشاورت ڪئي وئي.

وزيراعظم نواز شريف آزاد ڪشمير جي چونڊ ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن کي واڌايون ڏيندي چيو ته عوام مسلم ليگ نون تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي،عوام جي اميدن تي پورو لٿو ويندو.

اجلاس ۾وزيراعظم نواز شريف جي منظوري بعد راجا فاروق حيدر کي آزاد ڪشمير جو نئون وزيراعظم نامزد ڪيو ويو.

راجا فاروق حيدر جو چوڻ آهي ته پارٽي جي اعتماد تي پورو لهندس، آزاد ڪشمير جي ترقياتي منصوبن ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*