تحريڪ انصاف سنڌ ۾ وڏ وزارت لاءِ الڳ اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪندي خرم شير زمان کي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

Khurram-Zamna-PTI-27716

تحريڪ انصاف سنڌ ۾ وڏ وزارت لاءِ الڳ اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪندي خرم شير زمان کي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خرم شير زمان کي سنڌ ۾ وڏ وزارت لاءِ اتفاق راءِ سان اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي.

هـُن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته سنڌ ۾ روايتي سياست جي تدفين ڪئي وئي، خرم شير زمان سنڌ ۾ تبديليءَ جي علامت هوندو.

عارف علوي وڌيڪ چيو ته شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي عوام جي خدمت تي يقين رکندڙ ميمبرن کي پنهنجي ضمير جي روشني ۾ فيصلو ڪرڻو پوندو.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته خانداني سياست سان سنڌي عوام جون ڏکيائون ختم نه ٿينديون ۽ نه ئي ڏکيائن جو ازالو ممڪن آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*