لاڙڪاڻي جي مين گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول جي ماسترياڻين وچ ۾ انچارج جي مقرري واري معاملي تان هلندڙ ڇڪتاڻ سبب ٽن ڏينهن کان تدريسي عمل بند پيل

Larkana-School-27716

لاڙڪاڻي جي مين گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول جي ماسترياڻين وچ ۾ انچارج جي مقرري واري معاملي تان هلندڙ ڇڪتاڻ سبب ٽن ڏينهن کان تدريسي عمل بند پيل آهي.

 مين گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول  ۾ ماسترياڻين جي ٻن گروپن وچ ۾ انچارج جي مقرري واري معاملي تان ڇڪتاڻ سبب ٽن ڏينهن کان تدريسي عمل بند آهي.

ماسترياڻين جي هڪ گروپ جو چوڻ آهي تعليم کاتي پاران ٽيچر مهجبين گل کي اسڪول اندر انچارج مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي گروپ جو چوڻ آهي ته ماسترياڻي تحمينا  اڳ ئي انچارج طور  مقررٿيل آهي.

انجارچ جي مقرري واري معاملي تان ماسترياڻين جي ٻن گروپن ۾ ٽن ڏينهن کان ڇڪتاڻ سبب نياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، پر تعليم کاتي اڃان تائين معاملو حل ڪرڻ لاءِ ڪي به قدمن نه کنيا آهن.

واضح ته  گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول اندر ٻن مهينن کان پرنسپال به مقرر نه ٿي سگهيو آهي ، جنهن ڪري سمورا معاملا به رولڙي جو شڪار آهن…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*